SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادبي ٻولي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادبي ٻولي

(Literary Language)

ادبي ٻولياھا چئبي، جنھن جي حرفن ۽ لفظن جا آواز رواجي آوازن جھڙا نه ھجن، بلڪ سهڻا، سريلا ۽ سوادي ھجن. ادبي زبان ۾ اصطلاح، محاورا، تشبيھون، ڪنايا، مثال ۽ پھاڪا گھڻا ھوندا اھن. انھيءَ ڪري منجھس فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون ججھيون ھونديون اھن. ادبي زبان ۾ ھڪ معنيٰ لاءِ گھڻا لفظ ۽ ھڪ لفظ جون گھڻيون معنائون ھونديون اھن. دنيا جي ھر ڪنھن شيءِ جا نالا ۽ ھر ھڪ معنيٰ جا لفظ ادبي زبان ۾ لڀندا اھن. ھم قافيھ، تجنيس ۽ لفظي اظهار حرفيءَ وارا لفظ ادبي زبان جي خاص خوبي هوندا اھن. ادبي ٻولي، ڌارين ٻولين مان ڪيترا لفظ پاڻ وٽ اڻي پنھنجا بنائي ڇڏيندي اھي. ادبي زبان ۾ صرف نحو جا قاعدا ۽ قانون قدرت طرفان موجود ھوندا اھن. سڌريل ۽ ادبي زبان ۾ ”علم بديع و بيان“ ۽ ”علم معانيءَ“ جو خزانو خوب ڀريل ھوندو اھي. ادبي ٻوليءَ جي ھيءَ بھ خاصيت ھوندي اھي، جو ٻين ٻولين کي پنھنجي ذخيري ۽ خزاني مان مدد ڏيڻ ۾ ڪوتاھي ۽ ڪنجوسي نھ ڪندي آهي، بلڪ ڪشاديءَ دل سان سخاوت جو ھٿ ڊگھيري پنھنجو مال، ٻين جي اکيان رکندي آهي. جيئن جيئن دنيا ۾ علم ۽ ھنر پيا وڌندا سائنس جون ايجادون پيون ٿينديون نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون. نوان نوان اصطلاح پيا گھڙبا، تيئن تيئن سڌريل ۽ ادبي زبان، اھڙن علمن ۽ ھنرن، اصطلاحن ۽ ايجادن جي معنائن لاءِ، پاڻ وٽان يا ٻين سڌريل ۽ ادبي ٻولين مان ڪي نھ ڪي لفظ کڻي پيش ڪري سگھندي ۽ انھيءَ ڏس ۾ پوئتينه پوندي.


.


ادبي ٻولي لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

تماشگاه

ذ. جنهن هنڌ تماشو ٿئي. کيل يا ڪرتب واري جاءِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal